تاشقند – 15 جولاءِ (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري فرينه مظهر چيو آهي ته واپاري وفد جو ازبڪستان جو دورو ڪامياب رهيو آهي، ازبڪ حڪومت ۽ ڪاروباري برادري پاڪستاني وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ڪاروباري ۽ صنعتڪار برادري گڏيل حصيداري سان گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ پراميد آهي. وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ازبڪستان بزنس فورم جي حوالي سان فرينه مظهر پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدي تحت فوڊ، ٽيڪسٽائيل سيڪٽرز ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ريلوي جي منصوبن ۾ به گهري دلچسپي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. پاڪستاني بندرگاهون ازبڪستان جي لاءِ وڏيون پرڪشش ٿي سگهن ٿيون ڇو ته ازبڪ برآمد ڪندڙن پنهنجي واپاير کي پاڪستاني بندرگاهن ذريعي سگهه ڏئي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان 2006ع ۾ سيڙپڪاري جي مفاهمت جي ياداشت تي صحيح ڪئي هئي پر هاڻي تازي دوري دوران اسان ٻيهر مفاهمت ڪنداسين ڇو ته اڳ وارو معيار ختم ٿي ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻن مهينن ۾ ترجيحي واپار جي معاهدي (پي ٽي اي) کي حتمي شڪل ڏني ويندي ڇو ته ٻئي ملڪ پي ٽي اي جي حوالي سان جلد کان جلد قدمن کي حتمي شڪل ڏيڻ جا خواهشمند آهن ۽ ان تي اتفاق راءِ پڻ موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان کي هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ازبڪستان جي علائقائي واپار جي چيمبر سان واڳيل عورت ڪاروباري شخصيت ٻڌايو ته ان فورم ۾ چيمبر جي 10 رڪني وفد ۾ 2 عورتون شامل آهن. هن چيو ته اسان خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ پاڪستان سان ڪاروبار کي وڌائڻ جي خواهش رکي ٿو. هن چيو ته ازبڪستان ۽ پاڪستان جي ڪاروباري عورتن جي وچ ۾ واپار ۽ بزنس جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اسان کي اميد آهي ته هي فورم منعقد ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن عورت واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ملندو. ازبڪستان جي ناليواري ڪاروباري شخصيت مير گل عثمانوف ان موقعي تي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جو گڏيل بزنس فورم خوش آئنده آهي. فورم منعقد ڪرڻ سان ازبڪستان جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي نه رڳو پاڪستاني منڊين بابت بهتر معلومات ملندي پر پاڪستان جي رستي دنيا جي ٻين ملڪن سان واپار وڌائڻ جا موقعا پڻ سامهون ايندا. هن چيو ته 2019ع کانپوءِ اسان جي واپارين جي وفدن پاڪستان جا چار دورا ڪيا آهن ۽ اسان جي خواهش آهي ته پاڪستاني واپاري ۽ سيڙپڪار پڻ هتي اچن. بخارا بزنس ٽيڪسٽائيل فرم سان اڳيل هڪ ڪاروباري شخصيت ٻڌايو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن جو فروغ چاهي ٿو ڇو ته پاڪستان وانگر ازبڪستان به ٽيڪسٽائيل ۽ ٽيڪسٽائيل جي مصنوعات جي حوالي سان اهم ملڪ آهي. هن چيو ته سندس فرم ٻطرفي واپار جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ پاڪستان سان حصيداري کي وڌائڻ چاهيون ٿا.