اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ناليواري اديب، دانشور ۽ شاعر نديم احمد قاسمي مرحوم جي 15 هين ورسيءَ تي شعر ذريعي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن احمد نديم قاسمي جو شعر پيش ڪيو ته ”ڪون ڪهتا هي ڪه موت آئي تو مرجائون گا، مين تو دريا هون سمندر مين اتر جائون گا. زندگي شمع ڪي مانند جلاتا هون نديم، بجهه تو جائون گا مگر صبح تو ڪر جائون گا.“