
اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڳواڻ اهو هوندو آهي جيڪو پهريون قدم پنهنجي ذات کان کڻندو آهي، ٽن سالن جي دوران عمران خان ڪفايت شعاري مهم دوران هڪ ارب 10 ڪروڙ جي بچت ڪئي، جن چئلينجن ۾ پاڪستان مليو هو ان مان پاڪستان کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، هاڻي اسان ٽيڪ آف جي پوزيشن ۾ آهيون، اسان جي معيشت مضبوط آهي ۽ اسان آمدني واپار گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هو هتي نيشنل يوٿ ڪائونسل کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن وارو خاص صلاحڪار عثمان ڊار به موجود هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان زمان پارڪ مان نڪري ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ اچي ٿو، محنت جي ذريعي بهترين ڪپتان بڻجي پنهنجي صلاحيتن سان پاڪستان کي ورلڊ چئمپين بڻائي ٿو، يوٿ کي ڪامياب جوان بڻائڻ جي ذميداري عثمان ڊار ورتي آهي، ڪامياب جوان پروگرام اهڙو پروگرام آهي جنهن سان اسان پاڪستان جي اندر انٽرپينورشپ جي نئين دور جو آغاز ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته 60 سيڪڙو يوٿ کي روزگار ڏيڻ وارا ٺاهڻ چاهيون ٿا، ڪامياب جوان پروگرام تحت 14 هزار کان وڌيڪ جوانن کي 70 ارب جا قرض ڏئي چڪا آهيون، اباڻي ملڪيت کي گروي رکڻ کانسواءِ 10 لک روپين تائين قرض ڏنا ويا آهن، هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيو آهي، شفاف پروگرام آهي، جنهن ۾ ڪا به سفارش ناهي هلندي، اسان روزگار جي موقعن سان گڏوگڏ هڪ اهڙو ماحول ڏنو آهي جنهن سان ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهن، اهو ئي يوٿ ملڪ جو مستقبل بڻجندو آهي ۽ ملڪ جي قيادت ڪرڻي آهي، هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي ۽ صوبائي ڪابينا ۾ نوجوانن کي موقعا ڏنا آهن، يوٿ سدائين آئيڊل عزم تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته جيڪو يوٿ پنهنجي صلاحيت کي سڃاڻي وٺي ان کي ڪو به اڳتي وڌڻ کان نٿو روڪي سگهي، هن چيو ته انفارميشن وار افيئر ۽ وار آف اوپنين درپيش آهي، انفرادي فائدي بدران اجتماعي فائدي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته زندگي ۾ هميشه ڪجهه نه ڪجهه نئون سکي رهيا هوندا آهيون، اهڙو ماحول فراهم ڪنداسين جنهن ۾ شفاف نظام ۽ برابر موقعا ميسر هوندا، اسان جي يوٿ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم جو ڪامياب پاڪستان پروگرام اچي رهيو آهي، جنهن ۾ 40 کان 60 لک خاندانن کي غربت جي لڪير کان مٿي کڻي رهيا آهيون، جن چئلينجن ۾ پاڪستان مليو هو ان مان پاڪستان کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، هاڻي اسان ٽيڪ آف جي پوزيشن ۾ آهيون، هن چيو ته ٽن سالن جي دوران وزيراعظم ملڪي خرچن ۾ هڪ ارب 10 ڪروڙ روپين جي بچت ڏني، عمران خان افغانستان جو دورو 96 هزار ۽ آمريڪا جو دورو 67 هزار ڊالر ۾ ڪيو.