APP56-150621 ISLAMABAD: June 15 - President Dr Arif Alvi being briefed about the role of Wafaqi Mohtasib at Wafaqi Mohtasib Secretariat. APP

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي تيز ۽ بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب جي اداري کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ موجوده قانونن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ خصوصي سيل جوڙيو وڃي، ماڻهن کي انصاف جي فراهمي لاءِ تڪرارن جي متبادل حل جو نظام اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊيجيٽل رابطن سان عوامي شڪايتن جي فوري ازالي سان گڏوگڏ وقت ۽ رقم جي بچت ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.