APP58-080621 ISLAMABAD: June 08 - Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani and Speaker National Assembly Asad Qasir in a group photo with the outgoing executive body of Parliamentary Reporters Association (PRA) at a lunch hosted in there honor at Parliament House. APP

اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جو عهدو ڇڏيندڙ عهديدارن کي ڪاميابي سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پارلياماني صحافت جو پارلياماني ڪارروائي ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، پارلياماني رپورٽرز کي ڪم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، هو پي آر اي جي عهدو ڇڏيندڙ باڊي ۽ سينئر صحافين جي اعزاز ۾ سينيٽ چيئرمين جي پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو هو. اسپيڪر چيو ته پرنٽ کان اليڪٽرانڪ ۽ هاڻي ڊجيٽلائيزيشن ميڊيا جو دور آهي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تيزي سان طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ هاڻي خبر وقت جو انتظار ناهي ڪندي، پر خبر جي رفتار سپر سونگ جهاز وانگر تيز آهي، ميڊيا ڊجيٽلائيزيشن کي شفاف شڪل ڏيڻ به هڪ وڏو چئلينج آهي،