APP05-020621 ISLAMABAD: June 02 – Prime Minister Imran Khan and President of Tajikistan, H.E. Emomali Rahmon addressing at the joint press stakeout. APP

اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تاجڪستان سان واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، خطي جي ترقي ۽ امن لاءِ افغانستان ۾ تڪرار جو پرامن سياسي حل اڻٽر آهي، ماحولياتي آلودگي جي معاملي تي پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏجي آواز بلند ڪندا، ڀارت جي ڪشمير تي 5 آگسٽ جا قدم خطي جي امن لاءِ خطرو ۽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تاجڪستان جي صدر کي خوش آمديد چوان ٿو، هو ان کان اڳ به پاڪستان اچي چڪو آهي.