اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ ائٽمي فيسليٽي جو دورو ڪيو. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي اچڻ تي سندس استقبال چيئرمين جي سي ايس سي جنرل نديم رضا ۽ ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل نديم ذڪي منج ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل نديم ذڪي دوري دوران وزيراعظم کي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پروگرام جي مختلف رخن کان آگاهه ڪيو.