APP49-120421 ISLAMABAD: April 12 – Attorney General Khalid Javed Khan calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اٽارني جنرل خالد جاويد خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٽارني جنرل وزيراعظم کي اهم ڪيسن جي حوالي سان بريف ڪيو ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سندس دل ۾ عدليه جو بي انتها احترام آهي، فيصلو حق ۾ هجي يا خلاف، عدليه جي تعظيم سڀني جي لاءِ لازم آهي ۽ اهو ئي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جو طريقو آهي.