اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته چين جي ويڪسين سائينوفارم 86 سيڪڙو مؤثر آهي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ آباديءَ ۾ صرف 10 ڪروڙ ماڻهن کي لڳائي ويندي. 18 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن کي ويڪسين نه ڏني ويندي. سڀ کان پهريان فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جي ويڪسين ڪئي پئي وڃي. سڄي دنيا ۾ ويڪسين 18 سالن کان مٿي جي ماڻهن کي لڳائي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته سائينو فارم ڀروسي جوڳي ويڪسين آهي، ڪوشش آهي ته هن سال جي آخر تائين 70 سيڪڙو ماڻهن تائين ويڪسين پهچي. پاڪستان ۾ فني اعتبار سان ويڪسين 10 ڪروڙ ماڻهن کي لڳي سگهي ٿي. 22 ڪروڙ آبادي مان 10 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳندي. چين پاڪستان کي ڪورونا ويڪسين جون 5 لک خوراڪون تحفي طور ڏنيون آهن، ڪوشش آهي ته سال جي آخر تائين 70 سيڪڙو ماڻهن کي اها ملي وڃي. ان ويڪسين سان هڪ ڏينهن لاءِ بخار يا هلڪو سور ٿيندو آهي.