APP01-150121 ISLAMABAD: January 15 - Ambassador-designate of Pakistan to Mexico, Dr. Aman Rashid called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو، حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ميڪسيڪو ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر امان رشيد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدرعارف علوي چيو ته نامزد سفير ميڪسيڪو سان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت، سياحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري، پاڪستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ميڪسيڪو سان گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي.