اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي ملڪ ۾ خصوصي ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ڇو ته اهي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي آزاد آهي، پنج سالن ۾ حڪومت پنهنجا معاشي هدف پورا ڪندي. هو خبيب فائونڊيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته اها تقريب منهنجي ڌيءَ جي سالگرهه جي موقعي تي منعقد ڪئي وئي آهي، اها ان جي خواهش هئي، منهنجي ڌيءَ پنهنجي سالگرهه خصوصي ماڻهن سان گڏ ملهائڻ چاهيندي هئي، هن چيو ته ڪشمير، هري پور ۽ سنڌ ۾ اڪثر ماڻهو خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، الله تعاليٰ عزت عهدي سان نه پر انهن جي سٺي نيت جي ڪري ڏيندو آهي، اسان کي گڏجي ملڪ ۾ خصوصي ماڻهن ۽ يتيم ٻارن جو مستقبل بهتر ڪرڻو آهي ڇو ته اهي ملڪ جو اثاثو آهن.