APP01-20 ISLAMABAD: July 20 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz addressing a press conference. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز قبائلي علائقن (فاٽا) جي چونڊن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قبائلي عوام کي مبارڪ باد پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت اڳوڻي (وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن) فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي عمل کي خصوصي اهميت ڏني آهي، قبائلي عوام کي انصاف جي فراهمي جي نظام کي آسان، ليويز ۽ خاصه دار فورس جي 28 هزار اهلڪارن کي پوليس ۾ ضم ڪيو ويو، فاٽا سيڪريٽريٽ کي ختم ڪري صوبائي حڪومت جي دائري اختيار کي وڌايو ويو، قبائلي ضلعن ۾ ترقي لاءِ 10 سالن تائين ساليانو 100 ارب روپيا ڏنا ويندا، فاٽا جون حالتون معمول تي آڻڻ، امن امان جي قيام سميت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 80 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتا آهن، اسان جو رخ درست آهي، قبائلي علائقن جي عوام ۽ فوج بي پناهه قربانيون ڏئي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇليو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته قبائلي عوام جي پاڪستان لاءِ لازوال قربانيون آهن، وزيراعظم عمران خان جو قبائلي عوام سان ويجهو تعلق آهي، فاٽا جي انضمام جو مقصد قبائلي عوام کي برابر جا حق ڏيڻ هو. هن چيو ته انضمام کانپوءِ قبائلي ضلعن ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي عمل شروع ڪيو ويو، قبائلي عوام کي انصاف جي فراهمي جي نظام کي آسان بڻايو ويو آهي.