APP61-03 ISLAMABAD: March 03 – Special Assistant for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بيمار قيدي محمد نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ برطانوي حڪومت کي خط لکڻ سميت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ، نئين دهلي ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ تشدد، عبادتگاهن جي بي حرمتي تي ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪرڻ سميت 10 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان اسڪولن ۾ ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ جي روش جو سخت نوٽيس ورتو.