
ڪراچي – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال بهترين اسپتال آهي، جتي ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري اسپتالن کي به شوڪت خانم جي طرز تي هلائڻ جي لاءِ قدم کنيا، انهن اسپتالن کي به نجي اسپتالن وانگر ڪم ڪرڻ گهرجي، شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ جڏهن فنڊ گڏ ڪرڻ نڪتس ته زندگي جي بهترين انسانن سان مليس، 60 ڪروڙ جو پراجيڪٽ هڪ ڏينهن به پئسي جي کوٽ جي ڪري بند نه ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي فنڊ گڏ ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.