APP38-11 ISLAMABAD: January 11 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media persons during Smart Expo of Future Development at Pak-China Friendship Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جو واعدو آهي ته غريبن کي ڇت فراهم ڪرڻي آهي، صنعت جڏهن هلندي آهي ته غريب جو چلهو ٻرندو آهي، عدالت ۾ ڪڏهن به ڏوهاري جي خواهش موجب ٽرائل ناهي ٿيندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ قوم سان خيانت ڪئي وئي جنهن تي قانوني ڪارروائي ٿيندي، عوام جي پئسي تي لڳندڙ ڌاڙي جو حساب ورتو ويندو، قانون سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو آهي ان جي اسان کي جدوجهد جاري رکڻي آهي، احتساب هن قوم جي ۽ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سينٽر اسلام آباد ۾ سمارٽ ايڪسپو آف فيوچر ڊولپمينٽ هولڊنگ جي افتتاحي تقريب ۽ صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو.