APP62-02 ISLAMABAD: January 02 – Prime Minister Imran Khan meeting with His Highness Shaikh Mohammad Bin Zayed Al Nahyan Crown Prince of Abu Dhabi & Deputy Supreme Commander of the UAE Armed Force. APP

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ٻه طرفي لاڳاپن کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، خميس ڏينهن متحده عرب امارات (يو اي اي) جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان جاري پڌرنامي موجب يو اي اي جي ولي عهد پاڪستان جي هڪ ڏينهن تي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ولي عهد سان گڏ ڪابينا ميمبرن ۽ سينئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به هو.