APP35-19 ISLAMABAD: November 19 - Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan, Federal Minister of Law and Justice Mohammad Farogh Naseem addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي ته محمد نواز شريف جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي عبوري فيصلي جي خلاف اپيل داخل نه ڪئي ويندي جڏهن ته ميرٽ جي بنياد تي ڪيس جي فيصلي تي حڪومت اپيل ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم معاشي انگن اکرن ۾ بهتري تي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني.