APP28-02 ISLAMABAD: October 02 - President Dr. Arif Alvi talking to Speaker of the House of Representatives of Malaysia, Sri Dato’ Mohamad Ariff Bin Md Yusof, who along with a delegation called on him at the Aiwan-e-Sadr. Speaker National Assembly Asad Qaiser also present. APP

اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت طرفان غير قانوني ۽ والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت ۽ ان جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، عالمي قانونن ۽ ان جي پنهنجي واعدن جي خلاف ورزي آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو ناهي، اهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي پراڻو حل طلب عالمي تڪرار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملائيشيا جي اسيمبلي جي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اسپيڪر سري داتو محمد عارف بن يوسف جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.