APP53-02 ISLAMABAD: October 02 - Prime Minister Imran Khan addressing at the ceremony of awards distribution among the distinguished achievers students of Deeni Madaris. APP

اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعليم کان دوري سبب مسلمان تنزلي جو شڪار ٿيا، موجوده تعليمي نظام جي ڪري اڪثريت مٿي نٿي اچي سگهي، ملڪ ۾ ٽي طرح جا تعليمي نصاب هلي رهيا آهن، هڪجهڙو تعليمي نظام ترقي جي لاءِ ضروري آهي، طبقاتي تعليمي نظام کي ختم ڪنداسين، مدرسن جي شاگردن کي به جديد تعليم جي ذريعي مٿي اچڻ جو موقعو ملندو، اڄ هر جڳهه مسلمان قتل ٿي رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ 80 لک ماڻهن کي کلي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي، پاڪستان، ترڪي ۽ ملائيشيا مسلمانن جي تاريخ ۽ موقف دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ جي لاءِ ٽي وي چينل شروع ڪندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار تعليم واري وزارت جي انتظام هيٺ ديني مدرسن جي شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.