اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي سمورين سعودي ڀينرن ۽ ڀائرن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي سرزمين نه رڳو پاڪستانين پر مسلمان امت ۽ پوري انسانيت لاءِ مقدس آهي.