APP73-29 ISLAMABAD: August 29 – A delegation of Asian Development Bank, headed by Shixin Chen, Vice President ADB called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اداراجاتي ۽ گورننس سڌارن جي لاءِ پاڪسان جي مدد ڪرڻ تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت پٺتي پيل طبقن کي غربت مان ڪڍڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اهو ان جو ذاتي مشن به آهي، ٽيڪس بنياد کي سگهه ڏيڻ، اداراجاتي سڌارا متعارف ڪرائڻ ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ غيرروايتي حل ڳولڻ سٺي حڪمراني جو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي شعبا آهن. هن اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن نائب صدر شي زي چن جي قيادت ۾ سينيئر صلاحڪار احسان خان ۽ اي ڊي بي جي پاڪستان لاءِ ڪنٽري ڊائريڪٽر چيائو هونگ يانگ سان گڏ ساڻس وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.