
اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪاري بورڊ کي معيشت جي مختلف شعبن ۾ ڪاروبار بابت قانونن ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ آسان بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورتي عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت وزيراعظم آفيس ۾ ريگيوليٽري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي.