APP62-27 ISLAMABAD: August 27 - General Xu Qiliang, Vice Chairman of Central Military Commission (CMC) China called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين جنرل زوڪي ليانگ ملاقات ڪئي. هو چين ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آهي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سمورين موسمن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي منفرد معيار قرار ڏيندي چيو ته چين خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جو مرڪز آهي.