APP94-05 ISLAMABAD: August 05 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of Prisoners Aid Committee at PM Office. APP

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معمولي ڏوهن ۾ قيد ماڻهن جي دادرسي لاءِ فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ جيلن ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ سفارشون جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مختلف طبقن جي لاءِ مختلف قانونن جو لاڳو هجڻ ۽ جيلن ۾ بااثر ماڻهن سان ترجيحي رويو تمام وڏي ناانصافي آهي جڏهن ته بي سهارا ۽ مالي طور تي ڪمزور قيدين کي مدد فراهم نه ڪرڻ به ظلم آهي. هن اها ڳالهه قيدين جي مدد لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.