APP51-05 ISLAMABAD: July 05 - Iranian Minister for Industry, Mine & Trade Mr. Reza Rehmani calls on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي سطح تي مٽاسٽا ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ پاڪ ايران لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ اقتصادي رابطن ۾ اضافي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، هن اها ڳالهه ايران جي صنعت، کاڻين ۽ واپار واري وزير رضا رحماني سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي