اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي سربراهي ۾ 2 رڪني وفد ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي جمهوريه چيڪ روانو ٿي ويو. دفاعي پيداوار واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري ميجر جنرل طارق غفور پڻ وفد سان گڏ آهي. وفاقي وزير جو جمهوريه چيڪ جو دورو پاڪستان جي دفاعي پيداوار جي صنعت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو.