APP44-19 MULTAN: April 19 - Foreign Minister Makhdoom Shah Mehmood Qureshi chairing a meeting of NFC Institute Of Engineering And Technology Administration. APP photo by Tanveer Bukhari

ملتان – 19 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن قيادت ايماندار، مخلص هجي ته پوءِ ڪنهن جي سامهون جهڪڻو نٿو پوي، اسان وٽ بيورو ڪريسيءَ جي ڪجهه ماڻهن جي ڪرپشن سبب تمام گهڻا مسئلا آهن جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اسان وڌيڪ ترقي ڪريون ها. هن اها ڳالهه اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ملتان جي دؤري دوران ڪئي.