APP44-17 ISLAMABAD: April 17 - Speaker National Assembly Asad Qaiser visiting Parliamentary Reporter Association (PRA) election at Parliament House. APP

اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، مستحڪم حڪومت جي لاءِ ميڊيا جو طاقتور هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽري رپورٽرز ايسوسيئيشن جي چونڊ عمل جو معائنو ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. هن چونڊن جو حصو بڻجندڙ صحافين سان ڳالهائيندي چونڊ عمل کي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ يقين ڏياريو ته پارليامينٽ جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي سهولتن لاءِ جيڪو ڪجهه ضروري ٿيو ڪيو ويندو.