APP14-16 QUETTA: April 16 - Governor Balochistan Amanullah Khan Yasinzai and Chief Minister Balochistan called on President Dr. Dr. Arif Alvi at Governor House. APP

ڪوئيٽا – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امن کي ملڪ ۽ قوم جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته امن جي قيام تي ڪو به ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، بلوچستان ۾ امن ۽ امان جي قيام لاءِ وفاق صوبائي حڪومت سان گڏ آهي. هن اها ڳالهه بلوچستان جي گورنر جسٽس (ر) امان الله خان ياسين زئي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان سان ڳالهائيندي چئي.