APP31-12 ISLAMABAD: April 12 - President Dr. Arif Alvi addressing the 8th convocation of Air University. APP

اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انسانيت جي تڪميل لاءِ علم کي اهم ترين ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ جي دور ۾ علم لاءِ رستا کليل آهن جنهن مان فائدو کڻي معاشري کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ همدردي جي جذبن ۽ انهن جي ڀلائي انتهائي ضروري آهي، جيڪو معاشرو پنهنجي ڪمزورن جي بحالي تي ڪم نه ڪري ترقي نٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه ايئر يونيورسٽي جي اٺين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي.