APP84-11 ISLAMABAD: March 11 – Prime Minister Imran Khan addressing at the Launching Ceremony of State Bank of Pakistan's Low Cost Housing Finance Policy, at PM Office. APP

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ 50 لک گهرن جي تعمير جي پروگرام کي حڪومت جو فليگ شپ منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سوچ گذريل حڪومتن کان مختلف آهي، غربت جي خاتمي جي لاءِ گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير انهي سوچ جو هڪ اهم جز آهي، اسٽيٽ بئنڪ پاران گهٽ لاڳت جي گهرن جي تعمير جي لاءِ قرضن جي فراهمي ۾ ڏنيون ويندڙ مراعتون هڪ وڏو قدم آهي، ان منصوبي سان اٽڪل 40 لاڳاپيل تعميراتي صنعتون فعال ٿينديون، روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، معيشت ترقي ڪندي، حڪومت شهرن جي پکيڙ بدران گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير کي ترجيح ڏئي رهي آهي. هو اسٽيٽ بئنڪ جي گهٽ لاڳت جي گهرن جي تعمير جي لاءِ فنانس پاليسي جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.