APP51-17 ISLAMABAD: February 17 – Prime Minister Imran Khan delivering his remarks at the Dinner Reception in Honour of Saudi Crown Prince, HRH Mohammad bin Salman bin Abdulaziz Al Saud at PM House. APP

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، اسان گڏيل ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪم ڪنداسين، پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي علائقائي ۽ خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ولي عهد بڻجڻ کانپوءِ سڀ کان پهريون دورو مون پاڪستان جو ڪيو آهي، يقين آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان اهم ملڪ بڻجي اڀرندو ۽ اسان کي گڏجي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. وزيراعظم عمران خان پاران وزيراعظم هائوس ۾ سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان ڀائر ۽ دوست ملڪ آهن جيڪي مشڪل حالتن ۾ سدائين گڏ رهيا آهن.