APP71-12 ISLAMABAD: February 12 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting on construction of high rise buildings in Islamabad at PM's Office. APP

اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي ڊي اي کي ايندڙ 10 ڏينهن ۾ وفاقي گادي واري شهر ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اونچائي جي حوالي سان پاليسي جو جائزو وٺڻ ۽ عمارتن جي خاڪن جي منظوري جي عمل کي آسان ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ هڪ هفتي ۾ حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن اها ڳالهه وفاقي گادي واري شهر ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.