APP05-04 ISLAMABAD: February 04 - Federal Minister for Finance Asad Umar chairing meeting of Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet at Cabinet Division. APP

اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) خصوصي اقتصادي زونز کي وڌيڪ سيڙپڪار دوست بڻائڻ سان گڏوگڏ اتي بجلي ۽ گئس جي بنا رڪاوٽ جي فراهمي جي لاءِ 30 ڏينهن جي اندر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اي سي سي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري جي لاءِ 83 ڪروڙ 30 لک فنڊز جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو.