APP75-31 ISLAMABAD: January 31 – Prime Minister Imran Khan addressing the launching ceremony of “Pakistan Banao Certificates” at PM Office. APP

اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان بڻايو سرٽيفڪيٽ جاري ڪندي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي اسڪيم ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ان جي وسيلي ٻاهرين ملڪ رهندڙ محب وطن پاڪستاني ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪستان بڻايو سرٽيفڪيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سيڙپڪاري سان معاشي مشڪلاتن ۽ ادائيگين جي توازن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ادائيگين جو توازن ختم ناهي ٿيو پر ان ۾ بهتري آئي آهي، موجوده حڪومت سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جهڙي نموني پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندا ته ان تيزي سان هي ملڪ ترقي ڪندو، جڏهن ملڪ ترقي ڪندو ته پوري دنيا ۾ پاڪستانين جو عزت ۽ وقار بلند ٿيندو، هو ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ پاڪستان ٺاهيو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو