APP66-29 ISLAMABAD: January 29 - President Dr. Arif Alvi addressing the 34th FBISE Annual Awards distribution ceremony. APP

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام جي سخت ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري ۾ برابر موقعا صرف تعليم جي ذريعي حاصل ٿيندا آهن، تعليم جي ميدان ۾ عورتون وڌيڪ محنت ڪري رهيون آهن، عورتن جي ترقي کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ سالياني ايوارڊز تقريب کي خطاب ڪندي چئي.