APP84-29 ISLAMABAD: January 29 - Finance Minister Asad Umar chairing ECC meeting. APP

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) 5 لک ٽن جي اضافي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ کانسواءِ بجلي جي شعبي جي گردشي قرضن جي ادائيگي جي لاءِ 200 ارب رپين جي اسلامي مالياتي بانڊز جاري ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو.