APP45-02 ISLAMABAD: January 02 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing press conference. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اعليٰ عدليه جي فيصلي جي روشني ۾ جي آءِ ٽي جي معاملي تي تبصرو نه ڪندس. پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا بريفنگ دوران ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جعلي اڪائونٽس وارن جهڙي طرح جو سسٽم ٺاهيو هو ان کي پڪڙڻ مشڪل ترين ڪم هو انهن کي ڪنهن ماءُ يا ڪنهن شخص جي دل مان نڪتل بدعا لڳي آهي.