APP70-05 ISLAMABAD: December 05 - Prime Minister Imran Khan addressing the national symposium on "Alarming Population Growth in Pakistan: Call for Action" at Supreme Court of Pakistan. APP

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي مسئلي کان چڱي ريت آگاهه آهي ان مسئلي تي موثر انداز ۾ ضابطو آڻڻ لاءِ خاص طور تي عالمن، ميڊيا ۽ معاشري جي سموين طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آڊيٽوريم ۾ لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي اهتمام هيٺ تيزي سان وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ بابت هڪ ڏينهن واري قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪند ڪيو.