APP98-19 ISLAMABAD: November 19 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of National Task Force on Tourism at PM Office. APP

اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ سمورن صوبن ۽ علائقن مان سرڪاري ۽ نجي شعبي سان لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ذريعي هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي سياحتي علائقن ۾ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي عمل ۾ ماحوليات ۽ ثقافت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هو وزيراعظم آفيس ۾ سياحت بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.