APP86-06 ISLAMABAD: November 06 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting of the National Security Committee at PM Office. APP

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي امن، استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني ۾ لڪل آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران ملڪ جي سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.