APP86-27 ISLAMABAD: October 27 - Finance Minister Asad Umar chairing meeting to review progress on FATF Action Plan and APG Assessment. APP

اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان ۽ اي پي جي جي اسيسمينٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جي ڊي جي وفاقي وزير کي هيستائين جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. اسد عمر ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي وقت سر عملدرآمد جي لاءِ ادارن جي وچ ۾ موثر تعاون ۽ حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو.