APP49-07 LAHORE: October 07 - Prime Minister Imran Khan in a meeting with members of Punjab Cabinet at CM Office. APP

لاهور – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ پنجاب جي صوبائي ڪابينا سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنجاب ڪابينا کي بلدياتي نظام لاڳو ڪرڻ ۽ هائوسنگ پروگرام تي اعتماد ۾ ورتو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پراڻي بلدياتي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪري نئون نظام آڻيندي، بلدياتي نظام جو مقصد عوام جي ڀلائي آهي ته جيئن مقامي ماڻهن وٽ هيٺئين سطح تي اقتدار هجي. هن چيو ته ان نظام سان ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ٿيندا، بلدياتي نظام ۾ مالي بيقاعدگين تي مڪمل چيڪ هوندو.