APP50-25 ISLAMABAD: September 25 – Federal Minister for Finance, Revenue and Economic Affairs, Asad Umar chairing the meeting of the Economic Coordination Committee of the Cabinet. APP

اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) بجلي جي قيمتن ۾ اضافي بابت فيصلو ملتوي ڪندي نيپرا ۽ پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي بجلي جي شعبي ۾ سروس جي فراهمي جي معيار ۾ بهتري، نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوري ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس پلان تيار ڪن. اي سي سي جو اجلاس ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو.