APP64-13 ISLAMABAD: September 13 – Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain briefs the media about cabinet meeting during a press conference at PID Media Centre. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ڪيڊ واري وزارت کي ختم ڪرڻ، اورينج ٽرين، راولپنڊي، لاهور، ملتان، ميٽرو بس منصوبن جي آڊٽ، هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ، پي ٽي وي جي نئين بورڊ آف گورنرز ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي لاءِ نئين چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي ڪابينا جي فيصلن جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي مغفرت جي دعا ڪئي وئي.