اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پاڪستان ۾ آمريڪا ۽ افغانستان جي سفيرن وزيراعظم آفيس ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي. افعان سفير حضرت عمر زخيلوال وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. افغان سفير سان ملاقات ۾ وزيراعظم خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو.