اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم وزيراعظم محمد نواز شريف جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعائن ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن مالديپ جي حڪومت ۽ عوام طرفان دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ وزيراعظم محمد نواز شريف کي جلد تندرستي عطا فرمائي.