APP33-04 ISLAMABAD: July 04 – Managing Director, Associated Press of Pakistan (APP) Masood Malik exchanging views with Media Analyst European Union, Election Observation Mission (EOM) Ms. Inta Lase at APP Headquarters. APP photo by Afzaal Chaudhry

اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن جي مانيٽرنگ جي لاءِ يورپي يونين جي 60 چونڊ مبصرن کي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي جن کي چونڊ مهم کان نتيجن تائين جي عمل جي مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مقرر ڪيو ويندو. اها ڳالهه يورپي يونين جي چونڊ مبصر مشن پاڪستان 2018ع جي ٻه رڪني وفد ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ سان ملاقات ۾ ٻڌائي. يورپي يونين جي چونڊ مبصر مشن جي وفد ۾ ميڊيا تجزيه نگار انتاليز ۽ قانوني ماهر ڪام فهي شامل هو.