Under portraits of the late Iranian revolutionary founder Ayatollah Khomeini, right, and Supreme Leader Ayatollah Ali Khamenei, Pakistani Prime Minister Nawaz Sharif sits during his meeting with Iranian President Hassan Rouhani in Tehran, Iran, Tuesday, Jan. 19, 2016. (AP Photo/Vahid Salemi)

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي 21 مئي کان 23 ئي تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو جتي هو رياض ۾ پهرين آمريڪي عرب اسلامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس کي خطاب ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف اسلام جي امن، برداشت ۽ اتحاد جي پيغام کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس کي خطاب دوران وزيراعظم خطي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عظيم قربانين ۽ ثمرن تي روشني وجهندو، پنهنجي دوري دوران وزيراعظم دهشتگردي خلاف عالمي مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو.