APP02-02 ISLAMABAD: March 02 - Jordanian journalist and author, Omar Mohammad Nazzal Armouti called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ دنيا ۾ تمام گهڻيون تبديليون ٿيڻ واريون آهن جنهن جي نتيجي ۾ مسئلو ڪشمير ۽ عرب دنيا جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا. صدر ممنون حسين اردن جي مورخ عمر محمد نزل ارمورثي سان ملاقات جي دوران چئي. عمر محمد نزل ارمورثي مشهور تاريخدان آهي ۽ 30 ڪتابن جو ليکڪ آهي، صدر چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جو مسئلو تيستائين حل نه ٿيندو جيستائين هو عوام جي خواهشن جي موجب نه هجن. صدر چيو ته ڪشمير مسئلو ڏکيو ناهي پر هڪ واضح مسئلو آهي ۽ ڪشمير ڪشميرين جو آهي.